news-details
چٽاگانگ

چٽاگانگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن واري راند ختم، پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ ٽيانوي رنسن جي ضرورت

چٽاگانگ:(سومر 29 نومبر 2021ع) چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم بنگلاديش طرفان ڏنل 202 رنسن جي حدف تي بنا ڪنهن جي نقصان جي 109 رنسون ٺاهي ورتيون.
چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند تي پاڪستان طرفان عابد علي ۽ عبدالله شفيق ٻئي اننگز ۾ پنهنجي ٽيم کي بهترين شروعات ڏني. ٻنهي رانديگرن پنهنجون 50 رنسون مڪمل ڪيون.
چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته عابد علي 56 ۽ عبدالله شفيق 53 رنسن تي وڪيٽ تي موجود هئا. جڏهن ته پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ وڌيڪ 93 رنسون گهرجن.