news-details
ڪوٸيٽا

بلوچستان جي بهتري لاءِ مائنس ون جو فارمولو قبول ڪيو، اڄ به حڪومت جو حصو آهيون: ڄام ڪمال

ڪوئٽه: (سومر 29 نومبر 2021ع) ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان جي مفاد ۾ مائنس ون جو فارمولو قبول ڪيو. اڄ به حڪومت جو حصو آهيون. ڪوشش هوندي ته صوبي جي مفاد وارين شين کي اڳيان کڻي وڃون. چاهيون ٿا ته ترقي جو عمل اهڙي طرح ئي هلندو رهي.
بلوچستان جي صورتحال ۾ تبديلي ۽ نئين حڪومت ٺهڻ جي هڪ مهيني کان پوءِ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال ڪوئٽه پهچي ويو. ايئرپورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڄام ڪمال چيو ته نئين حڪومت ٺهڻ کان پوءِ ڪوئٽه آيو آهيان. غيرضروري حالتن سبب استعيفيٰ ڏيڻي پئي، چئن پنجن مهينن کان سرڪاري مشينري مفلوج ٿي وئي آهي.
ڄام ڪمال پنهنجي ويجهي ساٿي ظهور بليدي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اهو به هن بجيٽ جو حصو هو جيڪو اسان پيش ڪيو. پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن نٿا سمجهن ته پارٽي جي صدارت ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. پارٽي کي سنڀاليندڙ ماڻهو اڳيان اچن.