جاتي لڳ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

news-details

جاتي (رپورٽ: شڪيل احمد لوهار) جاتي جي يونين ڪائونسل مگرڀين جي ڳوٺ محمد صديق گنو رهواسي 18 سالا حسيب ولد امير ڏنو گنو گهر وارن کان ناراض ٿي پستول جا فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.
جڏهن ته اهڙو اطلاع جاتي پوليس کي ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ جاتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضرور ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال جاتي جاتي آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پھچڻ تي قهرام مچي ويو.
جڏهن ته آپگهات ڪندڙ نوجوان حسيب جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪابه خبر نه ٿي پوي ته خودڪشي ڇو ڪئي آهي، جڏهن ته آس پاس ۾ چئوٻول هلي رهيا آهن ته پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان خودڪشي ڪئي آهي.