news-details
شهدادپور

شهدادپور ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ ميونسپل ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ عملي جي يونين طرفان ميونسپل ڪميٽي جي ڪچن ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ پگھارون آن لائين نه ٿيڻ پگھارن مان ڪٽوتي ڪرڻ ٺيڪيداري نظام ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي ڪرپٽ ڪامورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي سينيٽري ورڪريونين شھدادپور جي اڳواڻن جيش ڪمار، سنيل ڪمار، روي ڪمار ۽ ٻين ڇيو ته سنڌ حڪومت توڙي سندن مقرر ڪيل ڪرپٽ ڪامورن سڄي سنڌ جي بلديه کي کائي ناس ڪري ڇڏيو پٿر ڪرپٽ ڪامورن ھاڻي ڀنگين کي کائڻ شروع ڪيو آھي. شھدادپور ۾ ديوالي جي عيد تي پگھارون نه ڏئي عيد جون خوشيون کسي اسان ڀنگين جو ديواڪيو ڪڍيڇڏيو ۽ ھاڻي شھر جي صفائي لاءِ ٻاھران 25 ڀنگي گھرائي کين رھائش ناشتي سميت ھر سھولت ڏئي اسان سن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري شھر جي مقامي 120 ڪچن ڀنگين کي نيڪالي ڏئي وڏو ظلم ڪري رھي آھي، اسان جو واحد روزگار سينيٽري ورڪر به اسان کان کسيو ويو آھي، شھر اندر سينيٽري ورڪرز ۾ سفيد پوش مسلمان ڀنگي رکيل آھن، جيڪي صفائي وارو ڪم نه پيا ڪنانھن جي ڊيوٽي اسان ڀنگين کان ڊبل ورتي پئي وئي ۽ سھي مسلمان سفيد پوش گھر ويٺي پگھارون کڻندڙن جي لوڌ سميت ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪري پنھنجا ڀڀ ڀريندڙ ميونسپل ڪميٽي جي راشي ۽ نااھل انتظاميه ڄاڻي واڻي ڪچن سينيٽري ورڪر ملازمن ۾ کي ڪڍي اسان کي مجبور ٿي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڌرڻو ھڻڻو پيو آھي.
ھنن چيو ته ٻاھران گھرايل سينيٽري ورڪر کي واپس موڪلي ڪڍيل 120 ڪچن سينيٽري ورڪرز کي فوري بحال ڪري ٺيڪيداري نظام ختم ڪري 14 ھزارن بجاءِ 25 ھزار پگھار ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
ھنن مطالبو ڪيو ته نااھل ڪرپٽ راشي سي ايم او ۽ ٻين خلاف سخت قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ۽ ڌرڻو جاري رکنداسين.