نئون ديرو: صحافي محمد علي جروار جو پيءُ ڪينسر مرض سبب فوت

news-details

نئون ديرو(رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو جي نوجوان صحافي ۽ پيپلزپارٽي يونين ڪائونسل پير بخش ڀٽو جي انفارميشن سيڪريٽري محمد علي جروار جو والد علي حسن جروار ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.
جڏهن ته محمد علي جروار مسڪيني ۽ غريبي حال هجڻ ڪري وس آهر والد جو آخري دم تائين هر ممڪن علاج ڪرائيندو رهيو ۽ هن والد جي علاج لاءِ مالي سهائتا لاءِ نه پر سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تڪ جي ايم اين اين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي اپيلون ڪندو رهيو ۽ ان لاءِ هن ايم پي اي فريال ٽالپر جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر توڙي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي مقامي اڳواڻن سان فون تي رابطو ڪري سنڌ حڪومت ۽ پارٽي قيادت کان والد جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو مطالبو به ڪيو هو پر افسوس انهن سندس اپيلن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو. محمد علي جروار جو والد علي حسن جروار گذريل 5 مهينن کان آنڊي جي ڪينسر هجڻ ڪري سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيو جتي هو اڄ فوت ٿي ويو آهي.
جڏهن ته سندس مڙهه ڪراچيءَ کان نئون ديرو آڻڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. محمد علي جروار سان والد جي وفات تي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو جي صحافتي سٿ پاران والد جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي آهي.