بدين: ڪڙيو گهنور جي نجي اسڪول ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو ويو

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ڪڙيو گهنور جي خانگي اسڪول آف ليڊر شپ ۾ ثقافتي رنگن سان ٽمٽار تقريب ٿي جنهن کي خطاب ڪندي نالي واري مزاحمتي شاعر حافظ نظاماڻي، آڪاش ٽکڙائي، علمي ادبي شخصيتن پروفيسر ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، ڊاڪٽر انور عالماڻي، ڊاڪٽر اشرف سمون، خادم ٽالپر پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين ۽ سينئر صحافي عبدالمجيد ملاح چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين کان شاهوڪار رهي آهي، جنهن سبب سنڌ جي رهواسين کي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ پنهنجي زبان ۽ ثقافت تي ناز آهي اڄ سنڌ مان سنڌي زبان ۾ سوين اخبارن رسالا ۽ ڪتاب ڇپجن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته قوم پنھنجي قوم ملڪ جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي هر مشڪل کي منهن ڏيئي سگهي ٿي، تنهن ڪري اسان جي ثقافت به اسان کان اها تقاضا ڪري ٿي ته اسان پنهنجي تعليم کي توجهه ڏيڻي پوندي تقريب کي اسڪول جي پرنسپال آزاد سمون پڻ خطاب ڪيو.
ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن پڻ تقريرون ڪيوٽيبلوز پيش ڪيا تقريب جي آخر شاگردن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا.