ملڪ ۾ سون وڌيڪ هڪ هزار رپيا مهانگو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 23 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 857 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 138 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1794 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.