جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ذوالفقار علي شيخ جي عدالت ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي ويل نوجوان ڄام مستوئي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مبارڪپور واسي جوابدار ميهار مستوئي کي جنم ٽيپ ۽ 10 لک روپيا مقتول جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي ڇڏي آهي، معاوضي جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ٻه سال قيد جي سزا ڪاٽيندو.
واضع رهي ته مقتول جي ساڳئي ڪيس ۾ عدالت 26 مئي 2021ع تي مٿي ڄاڻايل جوابدار جي ٻين ڀائرن عبدالحفيظ، الهورايو، الهڏنو، شاهه محمد مستوئي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
ياد رهي ته ڄاڻايل جوابدارن 28 آگسٽ 2018ع ۾ ڄام مستوئي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو هو جنهن بعد حد جي مبارڪپور ٿاڻي تي مقتول جي ڀائيٽي مور خان مستوئي جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.