news-details
ڪراچي

جمهوريت اسان جي سياست آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي: آصف زرداري

ڪراچي: پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته بااختيار پارليامينٽ ۽ عوامي حق حڪمراني جي معاملي ۾ ڪا سوديبازي قبول ناهي، سموريون جماعتون 18 هين ترميم جي حفاظت ڪن.
پ پ جي 54 هين يوم تاسيس جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پ پ پنهنجي باني جي فلسفي ۽ منشور تي ثابت قدم آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار عيل ڀٽو ملڪ ۾ پارلياماني نظام لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ۽ ملڪ کي پارلياماني نظام ڏنو هو، اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجو عهد ورجايون ٿا ته پارلياماني نظام جو مڪمل دفاع ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته بااختيار پارليامينٽ ۽ عوام جي حق حاڪميت تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين ۽ ان سوچ کي شڪست ڏينداسين، جيڪا جمهوريت کان نفرت ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته پ پ سدائين عوامي طاقت ۽ ووٽ سان اقتدار ۾ آئي، اسان جي ترجيح عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ رهي آهي، اڄ پ پ ٻن قسمن جي سوچ تي مزاحمت ڪري رهي آهي، هڪ سوچ جمهوريت کان نفرت ڪندڙن جي آهي، ٻي سوچ انهن شدت پسندن جي آهي، جيڪي عوام تي پنهنجي مرضي هلائڻ چاهين ٿا.
اڳوڻي صدر چيو ته 18 هين آئيني ترميم بينظير ڀٽو شهيد جي مشن جو پورائو به آهي ۽ جمهوريت دشمنن کان جمهوري انداز ۾ انتقام به، پ پ سميت سڀني جمهوريت پسندن جو فرض آهي ته 18 هين ترميم جي حفاظت ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته اسلام اسان جو دين آهي، سوشلزم اسان جي معيشت آهي، جمهوريت اسان جي سياست آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي.