چٽاگانگ: پاڪستان بنگلاديش جي خلاف پهريون ٽيسٽ ميچ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتو

news-details

چٽاگانگ: (اڱارو 30 نومبر 2021ع) چٽا گانگ ۾ پاڪستان بنگلاديش طرفان ڏنل 202 رنسن جو حدف حاصل ڪندي پهريون ٽيسٽ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتو. پاڪستان 2 ٽيسٽ ميچ جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
اوپنرز عابد علي 91 ۽ عبدالله شفيق 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته اظهر علي 24 ۽ بابر اعظم 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. بالرز حسن علي ۽ شاهين آفريدي ميچ ۾ 7-7 وڪيٽون حاصل ڪيون.
جڏهن ته بنگالي بالر مهدي حسن ۽ تيج الاسلام هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. چٽا گانگ ٽيسٽ ۾ عابد علي کي پليئر آف دي ميچ قرارڏنو ويو. هن پهرين اننگز ۾ 133 ۽ ٻئي اننگز ۾ 91 رنسون ٺاهيون.