ڀنگ جي پڪوڙن کان پوءِ هاڻ ٿائيلينڊ ۾ ڀنگ وارا پيزا وڪرو ٿيڻ لڳا

news-details

ٿائيلينڊ: (اڱارو 30 نومبر 2021ع) ٿائيلينڊ ۾ ڀنگ وارا پيزا وڪرو ٿيڻ لڳا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٿائيلينڊ جي مشهور فوڊ چين ڪمپني ڀنگ جي پتن وارو هڪ پيزا متعارف ڪرايو آهي جنهن جو نالو ڪريزي هيپي پيزا آهي.
ڀنگ واري پيزا جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي پيزا ڀنگ جي پتن سان ناهي ٺاهيو ويو پر پتن کي ٽاپنگ جي طور تيار ٿيل پيزا تي رکيو ويندو آهي، پوءِ اوهان جي مرضي آهي ان کي کايو يا ڪڍي ڇڏيو.
مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڪمپني جي جنرل مئنيجر ٻڌايو ته هي هڪ مارڪيٽنگ مهم آهي. ڀنگ جي ان پتن کي کائڻ سان اوهان کي هلڪو نشو محسوس ٿيندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن پيزا کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد اهوئي آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو هن طرف ڌيان ڏين ۽ اسان جي ڪمپني جي مشهوري ٿئي. رپورٽن موجب ڪمپني 9 انچ پيزا جي قيمت 499 بهات يعني 2 هزار 615 پاڪستاني روپيه رکي آهي.