news-details
سڪرنڊ

سڪرنڊ پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر امتياز حسين ٿيٻو ۽ پوليس ٽيم نيشنل هاء وي تي اسنيپ چيڪنگ دوران ڪارروائي ڪندي حسين آباد ڪالوني جي رهواسي غلام شبير انڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ملزم غلام شبير انڙ وٽان شراب ۽ سوزوڪي مهراڻ ڪار هٿ ڪري سڪرنڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
هوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي طرفان سڪرنڊ پوليس جي اهڙي ڪارروائي کي ساراهيو ويو آهي.