news-details
ڪراچي

سون جي اگهه ۾ ٻارنهن سئو رپيا لاٿ

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1200 رپين جي لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 22 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 1028 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 5 هزار 110 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 1794 ڊالر في اونس تي برقرار آهي.