news-details
اسلام آباد

ڪورونا پيڪيج ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ 25 ارب رپين کان وڌيڪ ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۾ 4 ارب 80 ڪروڙ رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪورونا وبا دوران حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون پر آڊٽ رپورٽ انهن جي ابتڙ آئي آهي.
وزيراعظم 1200 ارب رپين جي تاريخي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، ان ۾ 500 ارب رپيا مزدورن ۽ غريبن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ رکيا ويا هئا پر عوام لاءِ رڳو 116 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، انهن مان به 35 ارب رپين کان وڌيڪ ضابطن خلاف ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊٽ رپورٽ موجب ڪورونا رليف پيڪيج تحت خريداري دوران وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ڪيون ويون، هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون اهڙن ماڻهن کي ڪيون ويون، جيڪي حقدار نه هئا.
يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ کنڊ جي خريداري ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ، گيهه جي خريداري ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ ۽ اٽي جي خريداري ۾ 9 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ جون بي قاعدگيون سامهون آيون آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏهاڙي کڻندڙ ملازمن لاءِ اعلان ڪيل 200 ارب رپين مان رڳو 16 ارب جاري ٿيا، پناهگيرن ۽ لنگرخانن ۾ 150 اربن مان 145 ارب ورهايا ويا، يوٽيلٽي اسٽورز کي 50 اربن مان رڳو 10 ارب رپيا ڏنا ويا، بجلي ۽ گئس تي 100 اربن جي سبسڊي مان رڳو 15 ارب رپيا ڏنا ويا.
آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 ارب رپين کان وڌيڪ جون بي ضابطگيون ٿيون، سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ غير حقدار ماڻهن کي به ادائيگيون ڪيون ويون، 250 بسترن جي آئسوليشن اسپتال لاءِ ملندڙ رقم خرچ نه ڪئي وئي، هڪ ڪروڙ 60 لک رپين جون ادائيگيون ته ٽيڪس فائلرز کي به ڪيون ويون.
رپورٽ ۾ اين ڊي ايم اي ۾ 4 ارب 80 ڪروڙ رپين جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
ميڊيڪل بابت سامان خريدڻ لاءِ 50 ارب رپين مان 8 ارب 58 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، انهن مان 8 ارب هڪ ڪروڙ رپيا دفاعي سروسز کي جاري ڪيا ويا، صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن کي هڪ ارب 33 ڪروڙ رپين جو سامان فراهم ئي نه ڪيو ويو.