ڄامشورو: لسوا جي چونڊ، سعيد احمد لاشاري صدر چونڊجي ويو

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي ھڪ گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي نمائندا تنظيم لسوا جي چونڊ آل سنڌ يونيورسٽيز امپلائيز فيڊريشن جي اڳواڻ قلندر بخش ڀوزدار ۽ جنرل سيڪريٽري علي محمد شورو نگراني هيٺ لمس يونيورسٽي جي گرائونڊ تي ٿي گذري.
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل لسوا جي اليڪشن ۾ ملازمن جي ٽن گروپ لطيف مھراڻ پينل، جئي شاهه نوراني پينل ۽ جيئي پورهيت اتحاد ۾ مقابلو ٿيو، جنهن لطيف مھراڻ گروپ جو چونڊ نشان گلاب جو گل، جئي شاهه نوراني جو انتخابي نشان چنڊ تارو ۽ جئي پورھيت اتحاد جو نشان ترازو هيو، جڏهن ته چونڊ عمل صبح نائين وڳي کان شام پنج وڳي تائين جاري رھيو.
ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيئرمين علي محمد شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لسوا جي ٽنهي پينلن جي رضامندي سان ملازمن جي 1281 ووٽن تي لسوا جي اليڪشن پرامن ۽ شفاف نموني سان ڪرائي آهي، اليڪشن ۾ لطيف مهراڻ پينل 583 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي.
جڏهن ته جيئي شاهه نوراني پينل 469 ۽ پورهيت اتحاد پينل 118 ووٽ حاصل ڪري سگهيا. جڏهن 23 ووٽ خارج ٿيا آهن، هن چيو ته آل سنڌ يونيورسٽيز امپلائيز فيڊريشن ڪامياب ٿي آيل لطيف مهراڻ پينل کي پليڪار ڪري ٿي ۽ سندس سان هر ڏکي سکي وقت تي ساٿ جاري رهندو.
ان موقعي تي ڪامياب ٿي آيل لطيف مهراڻ پينل جي اڳواڻن صدر سعيد احمد لاشاري، جنرل سيڪريٽري مخدوم اشفاق، قربان علي سومرو، نياز احمد چانڊيو، نظير احمد نوحاڻي، خير بخش بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته لمس يونيورسٽي جي باشعور ملازمن اسان تي اعتماد ڪري وري ٻيهر ووٽ ڏئي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرايو آهي ۽ ملازمن جي حقن جي ڌاڙا هڻندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته لمس ملازمن جا هائوسنگ سوسائٽي، ڪالوني جي رپيئرنگ ۽ اپ گريڊيشن سميت ڪيترائي مسئلا رهيل آهن، جن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي.
جڏهن ته ڪامياب تي آيل پينل لطيف مهراڻ جي اڳواڻن ۽ ان جي حمائتن پاران خوشي ريلي ڪڍي يونيورسٽي لمس ڪالوني جو گشت ڪيو ويو ۽ جهمريون هنيون ويون.