سعودي عرب ۾ آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

news-details

رياض: (اربع 01 ڊسمبر 2021ع) سعودي عرب ۾ ڪرونا وائرس جي آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ ڪورونا جي آفريقي ويرينيٽ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق اربع جي ڏينهن ٿي ۽ وائرس سان متاثر شخص اتر آفريقي ملڪ مان واپس آيو هو.
عرب ميڊيا موجب اومي ڪرون وائرس مان متاثر شخص ۽ اسان سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن کي به قرنطينه ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان سعودي جي صحت واري وزارت چيو آهي ته وائرس جي نئين قسم بابت قائم ڪيل ڪميٽي لاڳيتو ڪم ڪري رهي آهي ۽ سعودي عرب ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.