news-details

جيڪب آباد ۾ ايڪسائيز پوليس جي ڪارروائي، ھڪ جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ايڪسائيز پوليس باءِ پاس تي زرعي ڪاليج وٽ قائم چيڪ پوسٽ تي تلاشي دوران مزده مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ڪوئيٽا واسي ھڪ جوابدار بنگل خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ان سلسلي ۾ ايڪسائيز عملدار ضيا پٺاڻ ٻڌايو ته مزده جي ڳجهي خانن مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، چرس ڪوئيٽا کان ڪراچي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.