جيڪب آباد ۾ زال ۽ مڙس وڙهي پيا، ھڪٻئي کي چماٽون وھائي ڪڍيون

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي شڪارپور روڊ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول وٽ چنگچي رڪشا تي ويٺل زال کي مڙس ڏسي ٻار کسڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران زال ۽ مڙس ھڪٻئي کي چماٽون وھائي ڪڍيون، جنهن بعد ماڻهن جو ھجوم ان ھنڌ تي گڏ ٿي ويو.
جڏهن ته اھڙي اطلاع تي وومين سيف سينٽر جي انچارج خالده سومرو واقعي واري هنڌ پهچي زال ۽ مڙس کي سينٽر تي وٺي وئي.
ان سلسلي ۾ وومين سيف سينٽر جي انچارج خالده سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زال ثمينا ۽ مڙس صدام گولو ۾ وچ شهر ۾ جهيڙو ٿي پيو، اھڙي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي عورت ۽ نوجوان کي سينٽر تي آندو ويو، جتي عورت ثمينا بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مڙس صدام سؤٽ آهي، جنهن کان مون کي خلع کپي، جنهن لاءِ قانون موجب عورت کي ٿاڻي تي پيش ڪرڻو ھو پر عورت چيو ته ٻه ٻار کير پياڪ آهن، ھفتي کانپوءِ اچي ٿاڻي تي پيش ٿيندس. ھن وقت صرف مون کي تحفظ سان گهر پھچائي اچو، جنهن بعد متاثر عورت کي گهر پھچايو ويو.
ان سلسلي ۾ نوجوان صدام گولو چيو ته زال 8 مھينن کان پيڪين رھيل آهي، ٻارن سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، اڄ ٻار وٺان پيو ته زال وچ شهر ۾ جهيڙو ڪيو آهي.
جڏهن ته عورت ثمينا جو چوڻ هو ته مڙس ڌار رھندو آھي، خرچو به ناهي ڏيندو، اڄ ٻار کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جهيڙو ٿي پيو هو.