اومي ڪرون ڊيلٽا ويرينٽ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي: ماهر

news-details

لنڊن: (ڇنڇر 04 ڊسمبر 2021ع) لنڊن ۾ اومي ڪرون جا 55 سيڪڙو ڪيسز ڪورونا ويڪسين جون ٻئي خوراڪون لڳرائيندڙن ۾ سامهون آيون آهن. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ماهرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته اومي ڪرون تي موجوده ويڪسين جو اثر ناهي ٿيندو.
ٻئي طرف سائنسدانن چيو آهي ته اومي ڪرون ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا جي ڊيلٽا قسم کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ڊيلٽا جي مقابلي ۾ بيماري ٻيهر پيدا ٿيڻ جو امڪان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي.
صحت واري عالمي اداري جي ڊيجيٽل ڊائريڪٽر چيو آهي ته جغرافيائي طور تي اومي ڪرون جي پکيڙ ايتري وسيع آهي جيتري موجوده صورتحال ۾ رپورٽ نه پئي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان ڪورونا جي پهرين ڊيلٽا ويرينٽ کان به سبق سکي چڪا آهيون ان ڪري سمورن ملڪن کي نئين ويرينٽ اومي ڪرون جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.