ڍاڪا ٽيسٽ: گهٽ روشني سبب پهرين ڏينهن جي راند مقرر ڪيل وقت کان اڳ ئي ختم

news-details

ڍاڪا: (ڇنڇر 04 ڊسمبر 2021ع) بنگلاديش جي خلاف ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ بيٽنگ جاري هئي پر گهٽ روشني سبب پهرين ڏينهن جي راند پوري نه ٿي سگهي. ڍاڪا جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان عابد علي ۽ عبدالله شفيق اننگز جي شروعات ڪئي پر 59 جي گڏيل اسڪور تي عبدالله شفيق 25 رنسون ٺاهي تيج الاسلام جي بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ پوءِ 70 جي گڏيل اسڪور تي عابد علي به 39 رنسون ٺاهي تيج الاسلام جي بال تي بولڊ ٿي ويو. پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهيون هيون ته برسات ۽ موسم خراب هجڻ سبب ميچ کي روڪيو ويو.
ميچ جي ٻيهر شروعات ٿي ته بابر اعظم پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي پر پاڪستان جي 57 اوورز ۾ 161 رنسون ٺاهيون ته خراب موسم سبب ميچ کي هڪ دفعو ٻيهر روڪيو ويو. گهٽ روشني سبب امپائرز پهرين ڏينهن جي راند مقرر وقت کان اڳ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته بابر اعظم 60 ۽ اظهر علي 36 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا.