news-details

جيڪب آباد ويجهو چينگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب نوجوان فوت

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شنبي شاهه وٽ تيز رفتار چينگچي رڪشا ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ چينگچي تي سوار فيملي لائن واسي نوجوان فرمان سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اھڙي اطلاع تي وارث اسپتال پهچي ويا، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث نوجوان جو مڙهه کڻائي گهر پهتا ته گهر ۾ قھرام مچي ويو.
ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ڪاسائي ھو جيڪو شھر طرف گوشت آڻي رهيو هو ته ڪتا پويان پيا چينگچي ڀڄائڻ دوران کاھي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.