ملڪ ۾ سون سستو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 600 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 23 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 514 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 5 هزار 796 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر گهٽجي هڪ هزار 784 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.