نيپال ۾ ٽائر ڦاٽڻ سبب مسافرن پاران جهاز کي ڌڪو لڳائڻ جو انوکو واقعو

news-details

کٽمنڊو: (آچر 05 ڊسمبر 2021ع) روڊ تي خراب گاڏي يا مزدا کي ماڻهن طرفان ڌڪو ڏيندي اوهان ڏٺو هوندو پر ڪنهن جهاز کي ڌڪو ڏيڻ ڪافي عجيب لڳندو آهي. هڪ اهڙو ئي حقيقي واقعو نيپال جي بجورا ايئرپورٽ تي پيش آيو جتي رن وي تي لينڊنگ وقت جهاز جو ٽائر ڦاٽي پيو.
ٽائر ڦاٽڻ سبب جهاز رن وي جي وچ ۾ بيهي رهيو جنهن تي مسافرن جهاز مان لهڻ ۽ ان کي ڌڪو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. مقامي ميڊيا موجب مسافرن ٻڌايوته جهاز جو ڪپتان ڪافي پريشان نظر اچي رهيو هو. هن ايئرپورٽ انتظاميه سان به رابطو ڪيو پر کيس ڪوبه جواب نه مليو. جنهن تي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت جهاز کي ڌڪو لڳائي سائيڊ تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
دلچسپ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڪافي مشهور ٿي ته صارفين جي به حيرت جي انتها نه رهي. وڊيو کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ لکين صارفين طرفان ڏٺو ويو آهي.