پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي پر اسان مخالف ڌر جي جماعتن سان گڏجي حڪومت جي مخالفت ڪبي: پ پ اڳواڻ

news-details

ڪراچي: پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي پر اسان مخالف ڌر جي جماعتن سان ملي ڪري گڏيل حڪمت عملي تحت پارليمينٽ جي اندر حڪومت خلاف ڪم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اخلاقيات ۽ ثقافت ڳالھ ڪجي ته پوءِ اتي موجودا حڪمرانن جي طرز حڪومت تي تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو. اڄ جهڙي ريت وفاقي حڪومت جا حواري گاريون ۽ اخلاقيات کان ڪريل حرڪتون ڪري رهيا آهن ان جي مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف جي سامهون جهڪي چڪو آهي ۽ ملڪ کي آءِ ايم ايف کان قرض وٺندي گروي رکيو پيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن ڪلفٽن ڪراچي ۾ ايم اين اي قادر پٽيل ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏپريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
ھن چيو ته حڪومت کان جڏهن ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ پيٽرول جي اگهن بابت پڇيو وڃي ٿو ته هو، انھي تي ماڻهن کي گاريون ۽ بي عزتي ڪرڻ تي لهي پون ٿا. پيپلزپارٽي ۾ اسان ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندا آهيون، اسان جي ليڊرشپ ڪڏهن به ڪنهن جو به پٽڪو لاهڻ ۽ بي عزت ڪرڻ جي لاءِ نه چيو آهي پر پي ٽي آءِ جي ماڻهن جي حرڪتن مان لڳي رهيو آهي ته انهن ۾ تربيت ۽ اخلاقيات جي کوٽ آهي.
هن چيو ته نيازي جي حڪومت ملڪ ۾ ماڻهن مٿان اضافي ٽيڪس وڌائي رهي آهي ۽ پيٽرول تي 27 ۽ ڊيزل تي 30 روپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته دنيا ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽائي اچي رهي آهي پر ملڪ ۾ اڃان به پيٽرول مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي.
هن اين اي 133 تڪ ۾ ضمني چونڊ تي ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ جهڙي طريقي سان پيپلزپارٽي محنت ڪري رهي آهي، اهو تعريف جي لائق آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي منشور ۽ نظريي جي جدوجهد جاري رکندي. اڄ جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ووٽرن جي لاءِ ڪافي مشڪلات پيدا ڪئي پئي وڃي. پيپلزپارٽي جي مد مقابل جماعت جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي ووٽرن کي حراسان ڪري رهيا آهن ۽ حقيقت هيءَ آهي ته پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ڪيمپس ۾ رونقون ۽ ماڻهن جي رش آهي، جڏهن ته ٻي جماعت جي ڪيمپس ۾ عوام جي رش نظر نه اچي رهي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اين اي 133 جي اليڪشن جي ميدان مان پاڻ نڪتو آهي اها به وڏي مزاق آهي ڇو ته پي ٽي آءِ وارن کي خبر هئي ته انهن کي منهن جي کائڻي پوندي. تڏهن ته پنهنجي ٻن اميدوارن جا پيپرز مسترد ڪرايا آهن ۽ افسوس جي اھا ڳالهه آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي ووٽ وجهڻ کان منع ڪري رهيا آهن. جنهن سان هڪ آمراڻي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
شازيه مري اڄ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان چيو ته اڄ ثقافتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جنهن تي ملڪ جي سمورن ماڻهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. سنڌ جي ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي، جيڪو معاشرو پنهنجي ثقافت کي ياد رکندو آهي، اها زنده قوم هوندي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ثقافت جي حوالي سان پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل کي شامل ڪيو.
جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي لباس ۾ روايتي ثقافتي ڊريسز ۽ اجرڪ پهريندي هئي.
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اجرڪ ۽ سنڌ جي ثقافت کي فروغ ڏيندو آهي. جڏهن آصف علي زرداري ٻين ملڪن جي دوري دوران اجرڪ ۽ ٽوپي جو رواج وڌو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ ٻڌائن ته عوام کي ڪيتريون نوڪريون ڏنيون آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت رسوائي ۽ بي عزت ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ ڪي پي ڪي جي اميدوارن کي چوي ٿي لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ آزاد اميدوار تحت چونڊ وڙهو.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر قادر پٽيل چيو ته ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي زوال پذير حڪومت آهي، جيڪا عوام جي فائدي جي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان جو هر شخص ان نالائق کان ڏاڍو پريشان آهي. هن چيو ته ڪالهه پي ٽي آءِ جو هڪ ورڪر ڪنونشن منعقد ٿيو جنهن ۾ پوري ڪراچي مان ماڻهن کي زبردستي گڏ ڪيو ويو پر مراد سعيد کي خطاب ڪرسين سان ڪرڻو پيو.
هن چيو ته ان شخص کي ڀٽو خاندان سان ذاتي طور تي ڪا رنجش آهي پر جنهن جي خود عزت عوام ۾ نه هجي اهڙي شخص جي تنقيد کان ڀٽو خاندان تي ڪوئي فرق نه ٿو پوي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت سان تعلق رکندڙن ملڪ جو حالتون اهڙيون بگاڙي ڇڏيون آهن جو انهن کي دوائن جي نه پر دعائن جي اشد ضرورت آهي ۽ ملڪ ۾ ٽن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ بحران پيدا ٿيو آهي اهو اخلاقيات جو بحران آهي.
هن چيو ته حڪومت عوام کي 50 لک گهر تعمير ڪرڻ، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا ڪوڙا وعدا ڪيا. جڏهن ته دراصل حڪومت ۾ احساس جي کوٽ آهي. ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي وفاقي حڪومت جي خراب پاليسين جي ڪري تمام گهڻو پريشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اهو ٻڌائي ته ڪيترا ترقياتي منصوبا سنڌ صوبي کي ڏنا ويا آهن. عمران خان جي حڪومت چيو هو ته هو 14 ارب روپين جي لاڳت سان سيوڻ انڊس هاءِ وي روڊ جي تعمير ڪندا، جيڪا وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي پر سنڌ صوبي کان 2017 ان منصوبي لاء 7 ارب روپيا منتقل ڪيا پر اڃا تائين روڊ تعمير نه ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪراچي_سکر موٽر وي تي به اڃا تائين ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي، ڇو ته پي ٽي آءِ جي ترجيحن ۾ سنڌ صوبو شامل ئي ناهي.