ڍاڪا ٽيسٽ: چوٿين ڏينهن جي راند ختم، ساجد خان ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون

news-details

ڍاڪا: (اڱارو 07 ڊسمبر 2021ع) پاڪستاني بالرن برسات سبب متاثر ڍاڪا ٽيسٽ کي دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي. بنگلاديش جون پهرين اننگز ۾ 76 رنسن تي7 وڪيٽون ڪري پيون.
ڍاڪا ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻئين ميچ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي. پاڪستان پهرين اننگز 300 تي ڊڪليئر ڪئي. جنهن ۾ بابر اعظم 76 رنسن سان نمايان رهيو. اظهر علي، فواد عالم، محمد رضوان اڌ سينچريون ٺاهيون.
بنگلاديش جي پهرين اننگز ۾ 76 رنسن تي 7 رانديگر پويلين واپس موٽي ويا. پاڪستان جي ساجد خان ڇهه رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. بنگلاديش جي اننگز جي شروعات ۾ ئي اوپنر محمودالحسن جوائي، نجم الحسين شنتو، لٽن داس، شادمان اسلام ۽ مشفق الرحيم کي ساجد خان آئوٽ ڪيو. جڏهن ته بيٽر مومن الحق کي حسن علي رن آئوٽ ڪيو.