news-details

جيڪب آباد ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ووٽرن جو قومي ڏهاڙو ملهايو ويو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ اليڪشن ڪميشن پاران قومي ووٽر ڏينهن ملهايو ويو. انهي حوالي سان ضلعي ڪائونسل هال ۾ هڪ تقريب ٿي، جنهن جي صدارت ريجنل اليڪشن ڪمشنر محمد حاجن عباسي جن ڪئي.
تقريب کي ضلعي اليڪشن ڪمشنر زاهد ڀٽو، پادري شارون يوسف، ايڊوڪيٽ عبدالحئي سومرو، صحافي عبدالرحمان آفريدي، ميڊم قمر بانو، گل بليدي، ڪوڙا خان ڪٽوهر، نصر الله سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ووٽن ۾ شفافيت ۽ جدت آڻڻ جي لاءِ بهترين قدم کنيا ويا آهن، ووٽرن ۾ آگاهي ڏيڻ جي ذميواري ۽ ووٽن جي داخلا جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جون ڪوششون قابل تعريف آهن. مقررين جو چوڻ هو ته عوام پنهنجا شناختي ڪارڊ جلدي ٺهرائي ووٽ داخل ڪرائي اليڪشن ڪميشن جي طرفان گهر گهر ٽيمون وڃي رهيون آهن، انهن سان تعاون ڪيو وڃي.
انهن چيو ته صرف ووٽ داخل ڪرائڻ هي ڪافي ناهي اليڪشن جي وقت ووٽ ڏيڻ ئي اهم آهي، ووٽ جو صحيح استعمال بهترين مستقبل جي ضمانت آهي، انهي جي لاءِ اليڪشن جي ڏينهن گهر ۾ ويهڻ جي بجاءِ ووٽ جو حق استعمال ڪريو اها اوهان جي قومي اخلاقي آئيني ۽ ديني ذميداري آهي. راءِ شماري ۾ حصو وٺي ڪري ذميوار شهري جو ثبوت ڏيو، ڇو جو اوهان جي راءِ اهم آهي، انهي راءِ کان پاڻ کي محروم نه ڪريو.
تقريب جي بعد ضلعي ڪونسل هال کان شهيد الهه بخش سومرو پارڪ تائين ريلي به ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافي برداري، عورتن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.