ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري

news-details

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 350 رپين جي واڌ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 350 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 24 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 300 رپيا مهانگو ٿين کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 310 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1781 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.