ڪنڊيارو شهر جي هيسباڻي محله ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا دٻجي ويا

news-details

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو شهر جي هيسباڻي محله ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻه معصوم ٻارڙا ڀت هيٺان اچي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ورهين جو ٻارڙو مدثر ڪلهوڙو دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن چئن ورهين جي ٻارڙي طيبه سخت زخمي ٿي پئي، فوتي ٻار جو لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي تعلقه اسپال آندو ويو، جتي ٻارڙي طيبه کي ابتدائي طبي امداد بعد گمبٽ اماڻيو ويو آهي.
هوڏانهن ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻارڙا گهٽي ۾ راند ڪري رهيا هيا ته اوچتو ڀت ڪري پئي، جنهن سبب ٻه ٻارڙا هيٺيان اچي دٻجي ويا، جن کي ڪنڊيارو اسپتال آندو ته رستي ۾ ٻارڙو مدثر فوت ٿي ويو.
جڏهن ته نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبت اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.