لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪرپشن خلاف جاگرتا ريلي ڪڍي وئي

news-details

ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪرپشن خلاف لمس اسڪائوٽ يونٽ اينڊ لمس ڪيريڪٽر بلڊنگ سوسائٽي طرفان اسٽوڊنٽ افيئرس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو، ڊاڪٽر ناهيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نرسنگ ڪاليج کان مين ڪئمپس تائين جاگرتا ريلي ڪڍي وئي.
جڏهن ته ريلي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس ڊاڪٽر ثمرين ميمڻ، سميت استادن، آفيسرن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جو چوڻ هو ته ادارا تڏهن ئي ترقي ڪري سگهن ٿا، جڏهن اهي ڪرپشن کان پاڪ هجن اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائڻي پوندي.
جڏهن ته ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو، ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي ۽ ٻين جو پڻ چوڻ هو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي نه ڪرڻ جو وڏو سبب ڪرپشن هوندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائڻي پوندي، تڏهن ئي اسان جو ملڪ ڪرپشن کان پاڪ شفاف ٿي سگهندو.