پاڪ بحريه پاران زمين کان فضا ۾ حدف کي نشانو بنائيندڙ ميزائلن جي فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو

news-details

ڪراچي: (اربع 08 ڊسمبر 2021ع) پاڪ بحريه جي ايئرڊفينس يونٽس زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جي فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو.
چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ميزائلز فائرنگ جو مشاهدو ڪيو. ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ترجمان موجب فائر ڪيل ميزائلن ڪاميابي سان پنهنجي حدفن کي نشانو بنايو. ميزائلز فائرنگ جو شاندار مظاهرو پاڪ بحريه جي آپريشنل صلاحيتن ۽ تيارين جو پڪو ثبوت آهي. پاڪ بحريه ڪنهن به قسم جي جارحيت جو جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.
پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.