بلدياتي چونڊون: اليڪشن ڪميشن جي روڪڻ باوجود وزيراعظم عمران خان پاران پشاور جو دورو

news-details

اسلام آباد: (اربع 08 ڊسمبر 2021ع) اليڪشن ڪميشن طرفان پابندي جي باوجود وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان پشاور پهچي ويو. اليڪشن ڪميشن موجب اخبارن ذريعي خبر پئي ته وزيراعظم نئين پاڪستان ڪارڊ جو افتتاح ڪري رهيو آهي. نئين پاڪستان ڪارڊ جو افتتاح ڪرڻ چونڊ مهم جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.
وزيراعظم اهڙن قدمن کان پاسو ڪري جنهن سان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿئي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته خيبرپخونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن. پهرين مرحلي ۾ پشاور ۾ به بلدياتي چونڊون منعقد ڪيون پيون وڃن. چونڊ شيڊول جي اعلان کان پوءِ وزيراعظم جو لاڳاپيل هنڌ جو دورو ڪرڻ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي هوندو. ڇو ته صدر عارف علوي، وزيراعظم ۽ گورنر چونڊ شيڊول جي اعلان کان پوءِ ڪنهن به اسڪيم جي لاءِ لاڳاپيل تڪ جو دورو نٿو ڪري سگهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي ۽ اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 233 ۽ 234 جي تحت ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف وزيراعظم جي پشاور جي دوري بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي تعليم واري وزير ڪامران بنگش پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم جو پشاور وارو دورو سرڪاري آهي، هو دوري دوران پشاور ۾ ڪنهن به چونڊ يا عوامي اجتماع ۾ شرڪت نه ڪندو. هي روزاني وارن معاملن جو حصو آهي جنهن مٿان ڪابه پابندي نه آهي.
ڪامران بنگش چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان صرف گورنر هائوس جي هڪ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان جو فلاحي پروگرام سموري پاڪستان جي غريب عوام لاءِ آهي. اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جنهن جو دل سان احترام ڪندا آهيون.