ڀارتي فضائيه جو هيڪليڪاپٽر ڪري تباهه، يارنهن ڄڻا اجل جو شڪار، جنرل بپن راوت سخت زخمي

news-details

نئين دهلي: (اربع 08 ڊسمبر 2021ع) ڀارتي فوج جي پهرين چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ملٽري هيليڪاپٽر تامل ناڊو رياست ۾ ڪوهه نور ويجهو ڪري تباهه ٿيو. حادثي وقت هيليڪاپٽر ۾ چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت، سندس گهر واري مدهولڪا راوت ۽ عملي جا ٻيا ماڻهو سوار هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب مقامي اختيارين چيو آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ هينئر تائين 11 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڀارتي فضائيه طرفان به ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي تصديق ڪئي وئي آهي ته چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ايم آءِ 17 وي فائيو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو آهي.
انڊين ايئرفورس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيليڪاپٽر حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جي رپورتن ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 7 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آهي پر اها اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته مارجي ويلن ۾ ڪير ڪير شامل آهن.
ڀارتي خبرون ڏيندڙ اداري اي اين آءِ موجب هيليڪاپٽر حادثي جي جڳهه ملندڙ لاشن کي ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڀارتي فوج جو سربراهه جنرل بپن راوت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ 31 ڊسمبر 2019 تي رٽائرڊ ٿيو هو پر مودي سرڪار کيس ڀارت جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف مقرر ڪيو هو.