پاڪستان تي گڏيل قرض ڪيترو ٿي ويو؟ اسٽيٽ بئنڪ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

news-details

اسلام آباد: (اربع 08 ڊسمبر 2021ع) اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان مٿان گڏيل قرض آڪٽوبر ۾ 40 هزار 279 ارب روپيه ٿي ويو آهي.
مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان مٿان ٻاهريون قرض 13 هزار 811 ارب روپيه ٿي ويو آهي ۽ اندروني قرض 26 هزار 467 ارب تائين پهچي ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان مٿان ڊگهي مدي وارو قرض 20 هزار 12 ارب روپيه ۽ مختصر مدي جو قرض 6 هزار 416 ارب روپيه ٿي ويو آهي.