پي ڊي ايم وارا سمجهن ٿا ته پيپلزپارٽي انهن هي ذيلي تنظيم آهي گڏ ھلڻ لاءِ به قائده قانون ھوندا آھن: اعجاز جکراڻي

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) مڪاني چونڊون نئين يا پراڻي قانون تحت ٿينديون، ان جو فيصلو اڃان ناهي ٿي سگهيو، ان بابت اڄ ڪابينا جي رٿيل اجلاس ۾فيصلو ٿيندو، پي ڊي ايم وارا سمجهن ٿا ته پيپلزپارٽي انهن هي ذيلي تنظيم آهي گڏ ھلڻ لاءِ به قائده قانون ھوندا آھن.
اھڙي خيالن جو اظهار وڏي وزير جي جيلن بابت صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جيڪب آباد جي مڌر اينڊ چائلڊ اسپتال اندر محمدي بلڊ بينڪ ۽ ٿيلسميا سينٽر جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
ھن چيو ته ڪجهه مسئلن جي ڪري حسيني بلڊ بينڪ وارا ھتان ٿيلسميا سينٽر بند ڪري ويا، جنهن ڪري ٿيلسميا جھڙي مرض ۾ مبتلا 400 کان مٿي ٻارڙن جا وارث سخت پريشان ھئا، اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي محمدي بلڊ بينڪ جي تعاون سان ھتان جي ٿيلسميا جي مرض مبتلا ٻارن ۽ سندن والدين جون پريشانيون ختم ڪيون ويون آهن.
ھن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن جي قانون بابت سنڌ حڪومت مخالف ڌر ۽ سڀني اسٽيڪ ھولڊرن کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ سنجيده آهي پر مخالف ڌر ڪوبه اعتبار جوڳي عمل جو مظاهرو نه پئي ڪري ھر مسئلي جو ڳالھين سان ئي نڪرندو اسان وٽ ڪجهه تجويزون آهن پر ٿي سگهي ٿو، اسان کان بهتر تجويزون مخالف ڌر وٽ ھجن مڪاني چونڊن جي قانون تي ھڪ ٿيڻ انتهائي ضروري آهي پر مخالف ڌر سنجيدگي جي مظاهرو ڪرڻ بجاءِ ڪاري قانون جو راڳ الاپي عوام کي حقيقتن گمراهه ڪري پئي.
ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجا بهتر فيصلا ڪندي آهي، ان باوجود اسان پي ڊي ايم سان گڏ ٿياسين پر پي ڊي ايم پيپلزپارٽي کي پنهنجي ذيلي تنظيم سمجهي پئي گڏ ھلڻ لاءِ به قائده قانون ھوندا آھن، پيپلزپارٽي ھميشه جمھوريت کي اويليت ڏني آهي. جيڪڏھن پي ڊي ايم جمهوري طور طريقي تي ھلندي ته اسان پي ڊي ايم سان سليڪٽڊ حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون.
ھن چيو ته وفاق جي نااهلي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دانشمندي جي فيصلن ڪري پيپلزپارٽي پنجاب ۾ مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پيپلزپارٽي ڪنهن به رنگ نسل جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. پنجاب سميت سڄي ملڪ جي عوام ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ کان ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام کي سهولت ملڻ مشڪل آهي.