news-details
هنڱورجا

هنڱورجا دڪان مان چوري، چور فرار

هنڱورجا (رپورٽ: عرفان سهتو) هنڱورجا جي مين پنج هٽي بازار مان حافظ ماجد شيخ جي دڪان مان ڏينهن ڏٺي جو پنج لک روپيا چوري ڪري چور آساني سان فرار ٿي ويا.
ان موقعي تي ڪريانا دڪاندار حافظ ماجد شيخ ٻڌايو ته اڻ سڃاتل ماڻهون دڪان تي آيو چانور خريد ڪيائين ۽ دڪان کان ٻاهر نڪري چيائين چانور هارجي پيا آهن، شاپر کڻي اچ مان دڪان کان ٻاهر نڪري ان کي چانور ميڙايا ته پوئتي دڪان جي خاني مان ڪو ماڻهون منهنجا 5 لک روپيا چورائي ويو.
جڏهن ٻاهر نڪري ڏٺم ته چانور خريد ڪرڻ وارو شخص به غائب هو. جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ بعد هنڱورجا ٿاڻي جو ايس ايڇ او خالد حسين ڏاهري واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ تفصيل وٺي ڇڏيا آهن.