news-details
ٹنڈوالُھیار

ٽنڊوالهيار ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن دوران ٻه نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي رهواسي نوجوان امين ولد امير اوڏ پيءُ ۽ سس سان منهن ماري کان پوءِ آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سندس وارثن پاران نازڪ حالت ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، نوجوان جي فوت ٿيڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.
جڏهن ته نوجوان کي آپگهات جي ڪوشش کان بچائڻ دوران سندس مامو به زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي واقعي ۾ نوجوان اشرف ميرجت ڪرنٽ لڳڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو، صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه جي بنگلي ۾ نوجوان اشرف ميرجت بجلي جو ڪم ڪري رهيو هيو ته کيس اوچتو ڪرنٽ لڳو، نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو وقت تي ايمبولينس نه ملڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
جڏهن ته ٻڌايو وڃي پيو ته نوجوان ڳوٺ الهورايو ميرجت جو رهواسي هو سندس مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو.