ڄامشورو ۾ ملاح برادري جي سماجي تنظيم اميرالبحر پاران مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۾ ملاح برادري جي سماجي تنظيم اميرالبحر پاران مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي.
ڄامشوري جي ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ ڪوٺايل مچ ڪچهري ۾ اميرالبحر جي اڳواڻ اڪرم ملاح، جي ايم ملاح، مظفر ملاح ۽ ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، ظهير ڪانڌڙو، ذوالفقار مگسي ۽ ديدار ڀلائي سميت وڏي انگ ۾ ملاح برادري ماڻهن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي مچ ٻاري راڳ رنگ جي محفل پڻ مچائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن دانش منظور ٿهيم ۽ طاھر شورو قومي گيت ڳائي محفل ۾ شامل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن استاد قمر پاران پاران شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي وائي پڻ پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي اميرالبحر جي اڳواڻن سميت ڪچهري ۾ موجود ڄامشوري جي سياسي سماجي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مچ ڪچهري سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن مان سڄي دنيا ڏانهن پيار، محبت، امن ۽ ڀائچاري جو پيغام وڃي ٿو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي تهذيب ثقافت کي برقرار رکڻ لاءِ هن قسم جون ڪچهريون ڪرائڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي.