غوثپور ۾ بندوق صاف ڪندي گولي ڇٽڻ سبب نوجوان زخمي

news-details

غوثپور: غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ بندوق صاف ڪندي اتفاقن گولي ڇٽڻ سبب نوجوان مريد جاگيراڻي زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارث غوثپور جي نجي اسپتال کڻائي آيا، جتي زخمي کي ابتدائي طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان رات دير سان گهوٽڪي پوليس اسپتال تي چڙهائي ڪري مريد جاگيراڻي کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته اهڙي واقعي بعد پوليس پاران کنڀي گم ڪيل مريد جاگيراڻي جي وارثن گهوٽڪي ڀرسان رحيم يار خان واسي ٻن ڄڻن، انيس ۽ انجي دوست کي مريد جاگيراڻي جي پلاند ۾ ڪچو ٻنڊي واري علائقي ۾ يرغمال بڻائي مريد جاگيراڻي جي آزادي وارو مطالبو ڪندي پنهنجو هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي وائرل ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته اغوا ڪار ٽولي جو چوڻ آهي ته اسانجا قبائلي تڪرار هلندڙ آهن، جنهن سبب مخالف ڌرين جي چوڻ تي گهوٽڪي پوليس اسانجي نوجوان کي کنڀي ويئي آهي، اغوا ڪار ٽولي پاران اهيو به واضح ڪيو ويو آهي ته اسان رحيم يار خان واسي ٻن ڄڻن کي مريد جاگيراڻي جي آزادي لا۽ اغوا ڪيو آهي.