news-details

اڃان به چيو وڃي ٿو ته گهبرايو نه ڀلا ٻڌايو ته ڪڏهن گهبرايون: اعجاز جکراڻي جو مهانگائي خلاف احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت جي حڪم تي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ۽ پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ م وڌندڙ مھانگائي سبب عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آھي، پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ وزيراعظم عمران خان جي وس ۾ ملڪ ھلائڻ ناهي. ھن وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پنجاب جي گورنر تسليم ڪيو آهي ته اسان سڀ ڪجهه آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، گوادر ھجي يا ملڪ جا وڏا ايئرپورٽ ھجن يا موٽر وي ھجي جيڪو نااهل حڪومت وياج تي رکي ڇڏيا آهن.
ھن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ايٽمي ملڪ بڻايو پر سليڪٽڊ حڪومت ملڪ جا اڏا، بندرگاهه ۽ روڊز گروي رکيا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مھانگائي ۾ ٻيو نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي، اڃان به چيو وڃي ٿو ته گهبرايو نه ڀلا ٻڌايو ته ڪڏهن گهبرايون.
ھن چيو پيپلزپارٽي ئي ملڪ کي ھلائي سگهي ٿي يقين سان چوان ٿو ته اڳين حڪومت پيپلزپارٽي جي ھوندي جيڪا اقتدار ۾ اچي عوام جا مسئلا حل ڪندي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي ڪپڙو، گهر ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري مھانگائي مان جند ڇڏائينداسين.