ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ہمشيرہه اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سابق جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چئيرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جسٽس ظفر احمد مرزا جي نياڻي سابق وزير داخله ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ہمشيرہ ناهيد ظفر مرزا اسلام آباد ۾ انتقال ڪري وئي تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي.
سابق قائم مقام چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چئيرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جسٽس ظفر احمد مرزا جي نياڻي سابق وزير داخله ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ہمشيرہ وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميدہ مرزا جي نند جي ڊي اي جي پارليماني ليڊر حسنين مرزا جي پڦي ناھيد ظفر مرزا طويل علالت بعد اسلام آباد جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي، مرحومه ناھيد مرزا جي مڙهه اسلام آباد کان ڪراچي آڻي نماز جنازہ کان بعد ڊفينس جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي،
مرحومہ بزنس منيجمنٽ جي ماھر ھئي نواز شريف دور اقتدار ۾ پيپلزپارٽي جي خلاف سيف الرحمان جي سياسي انتقام طور آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خلاف قائم ٿيندڙ ڪيسن ۾ مرحومه ناهيد مرزا کي به ملوث ۽ نامذد ڪري انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو ويو هو، ناھيد مرزا مشڪل حالات ۾ بھادري سان ڪيسن کي منهن ڏنو، سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري سياسي شخصيات مرزا گروپ جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ صحافين مرحومه جي انتقال تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فھميدہ مرزا، حسنين مرزا، حسام مرزا ۽ ڊاڪٽر فواد مرزا سان تعزيت افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
مرحومه ناهيد ظفر مرزا جو ٽيجھو آچر ڏينهن ھڪ بجي ڊفينس فيز 4 ڪراچي جي امام بارگاهه ياسرب ۾ ٿيندو.