جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي مولاداد پوليس اغوا، پوليس مقابلن جي 14 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار مکڻو عرف امين جکراڻي کي 5 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو.
جڏهن ته ٻئي ڪاروائي ۾ ٽلڻ عرف دلبر ۽ پرويز جکراڻي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ مولاداد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 14 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار سوڌو ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.