بدين: صوبائي وزير جي هدايت تي اطلاعات کاتي طرفان بيمار صحافي کي چيڪ ڏنو ويو

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) شادي لارج جي بيمار صحافي غلام رسول بروهي جون خبرون ميڊيا ۾ شايع ٿيڻ بعد اطلاعات کاتي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي جي خصوصي هدايت تي ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ڊويزن سوائي خان ڇلگري شادي لارج پهچي سينئر صحافي غلام رسول بروهي جي عيادت ڪئي ۽ کيس صوبائي وزير پاران 50 هزار روپين جو چيڪ ۽ گل دستو پيش ڪيو.
ان موقعي تي هن بيمار صحافي غلام رسول بروهي ڏياريو ته اطلاعات کاتو سندس علاج معالجي سان گڏ مالي سهڪار پڻ ڪندو.
ٻئي طرف بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين، جنرل سيڪريٽري حميد سومرو، نائب صدر شوڪت ميمڻ بدين جي سينئر صحافين شڪور ميمن، ماما مجيد ملاح، اشرف ميمڻ، عطا چانڊيو، محمد سانوڻ خاصخيلي، نور حسن سولنگي، اشفاق ميمڻ، عمران عباس چنه، علي نواز چنه شاد الطاف ميمڻ ۽ ٻين صوبائي وزير سعيد غني جو ٿورو مڃيندي اميد ظاهر ڪئي. بيمار صحافي جي علاج معالجي واري واعدي تي عمل ڪيو ويندو.