اسرائيلي دفاع واري وزير فوج کي ايران مٿان حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

قائره: (آچر 12 ڊسمبر 2021ع) اسرائيلي دفاع واري وزير صيهوني فوج کي ايران مٿان حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي دفاع واري وزير بني گينٽز آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي دفاع واري وزير لائيد آسٽن کي آگاهه ڪيو آهي ته هن پنهنجي فوج کي ايران مٿان امڪاني حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
هن چيو آهي ته اسان سان جوهري معاملن تي ڳالهين جو ڪوبه نتيجو ناهي نڪتو ۽ عالمي برادري کي به خبر آهي ته ايران اسان سان راند کيڏي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ايران مٿان وڌيڪ دٻاءُ وڌائڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي لاءِ اسرائيلي فوج کي حڪم ڏنو آهي ته هو ايران جي خلاف امڪاني اسٽرائڪ جي لاءِ تيار رهن.
هن چيو ته ايران سان جوهري ڳالهين جي معاملي ۾ عالمي طور تي سياسي، اقتصادي ۽ فوجي دٻاءُ وڌائڻ جي گنجائش آهي ته جيئن ايران کي ان ڳالهه تي قائل ڪري سگهجي ته هو جوهري پروگرام جي باري ۾ پنهنجن ارادن کان پاسو ڪري.
ياد رهي ته اسرائيلي دفاع وارو وزير ايران مٿان دٻاءُ وڌائڻ بابت امڪاني قدمن تي غور جي لاءِ هن وقت آمريڪا ۾ موجود آهي.