news-details

جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ ھڪ شخص قتل

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بروهي ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ 45 ورهين جي علي حسن بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحویل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته مقتول جي وارثن اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي برادري جي ماڻهن علي حسن بروهي کي ڪارنهن جي ڪوڙي تھمت ھيٺ گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، وارث مقتول جو مڙهه کڻائي گهر پهتا ته گهر ۾ قهرام مچي ويو.
ان سلسلي ۾ مولاداد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تان تڪرار ھلندڙ ھو پنھنجي برادري جي ماڻهن مقتول جي پٽ تي ڪارنهن جو الزام مڙهيو ھو، جنھن تھمت ھيٺ قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.
ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.