جيڪب آباد ۾ نوجوان پنهنجي دوست کي ھٿوڙو ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شھباز پور پاڙي ۾ جوابدار عبدالجبار اوڍاڻو پنهنجي دوست عبدالرسول بروهي کي اوطاق تي گهرائڻ بعد ھٿوڙو ۽ ڇرين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، اطلاع تي مقتول جا وارث وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. وارث نوجوان جو مڙهه کڻائي گهر پهتا ته گهر ۾ قهرام مچي ويو.
جڏهن ته مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته جوابدارن اسان جي نوجوان کي فون ڪري پنهنجي اوطاق تي گهرائي بيگناهه قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
هوڏانهن مقتول نوجوان کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار عبدالجبار اوڍاڻو ٻڌايو ته عبدالرسول بروهي سان دوستي ھئي، دوستي جي ناتي ھن مون سان غلط ڪم ڪيو ۽ مونکي بليڪ ميل ڪري 20 ھزار کان مٿي رقم وٺي چڪو ھو، رات به مون کان وڌيڪ رقم جي گهر ڪئي، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران اتفاقي طور ھٿوڙو ھن کي لڳي ويو، جنهن سبب ھو فوت ٿي ويو.
ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اھڙو اطلاع پوليس کي مليو ته گهر ۾ نوجوان جو لاش پيل آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جنهن جي سڃاڻپ عبدالرسول بروهي طور ٿي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو.
پوليس موجب ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول گندو ڪم ڪري بليڪ ميل ڪري پيو، جھيڙي دوران اتفاقي طور مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ھو فوت ٿي ويو.
ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.