news-details

جيڪب آباد: جوابدار نينگر کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لکمير بروهي ۾ سيد اُدم شاهه جي پٽ ڀاڳل مبينا طور گهر ٻاهران راند کيڏيندڙ 10 ورهين جي نينگر عبدالوحيد جکراڻي کي ايئرگن جو فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي وارث پهچي نينگر کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ جو مشورو ڏنو.
ان موقعي تي نينگر جي پيءُ عبدالفتح جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد اُدم شاهه جي پٽ گهر ٻاهران راند کيڏيندڙ پٽ کي ڄنگهه ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي پر پوليس گرفتار ناهي ڪيو.
ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر جي پيءُ جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، الزام هيٺ سيد چون ٿا ته اتفاقي طور گولي لڳي آهي، وڌيڪ معاملي جو جاچ ڪيون پيا.