جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي، بيروزگاري، بجليءَ ۽ گئس جي ھٿرادو کوٽ خلاف ترقي پسند پارٽي پاران ھڪ احتجاجي جلوس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي، سيد علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي دفتر کان ڪڍيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا.
مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي وفاقي سرڪار جي پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران سرڪار جي نااهلي سبب ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان اچي ويو، عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، وفاقي سرڪار عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي مٿان وري مني بجيٽ پيش ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ھنن چيو ته ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ بجليءَ ۽ گئس جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري عوام جو جيئن جنجال بڻايو ويو آهي. سياري جي موسم ۾ گئس جي بندش سبب ماڻهو سخت پريشان آهن.
ھنن مطالبو ڪيو ته وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آندو وڃي گئس ۽ بجلي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري شھرين کي ريليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.