برطانيه ۾ هڪ ڏينهن دوران رڪارڊ هڪ لک ٽياسي هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز رپورٽ

news-details

لنڊن: (خميس 30 ڊسمبر 2021ع) برطانيه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ هڪ لک 83 هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل هڪ هفتي دوران 9 لک 14 هزار ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.
نيشنل هيلٿ سروس(اين ايڇ ايس) موجب لنڊن ۾ اربع جي صبح تائين ساڍا 10 هزار جي ويجهو مريض اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا. اهي پهرين مارچ کان پوءِ کان هينئر تائين هڪ هفتي دوران اسپتال ۾ داخل ڪيل مريضن مان 48 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کان علاوه نيشنل هيلٿ سروس جو چوڻ آهي ته اسڪاٽ لينڊ ۾ گذريل ڏينهن رپورٽ ٿيل 80 سيڪڙو ڪيسز اومي ڪرون جا آهن. ان کان علاوه فرانس ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جا 2 لک 8 هزار کان وڌيڪ ڪيسز سامهون آيا جڏهن ته ترڪي ۾ اپريل کان پوءِ رڪارڊ 36 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا.
ٻئي طرف اسپين ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز جي باوجود قرنطينه جو مدو گهٽ ڪري 7 ڏينهن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته صحت جي عالمي اداري قرنطينه جي مدي ۾ گهٽتائي جي معاملي ۾ احتياط جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.