news-details

جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ ۽ شهرين پاران گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جي يو آءِ ۽ شھرين پاران گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، انجنيئر حماد اللہ انصاري، محمد شعبان، عبدالله رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي يو آء آفيس کان احتجاجي مظاھرو ڪڍيو ويو، مظاهرين شهر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندا شهر جي مک ڊي سي چوڪ تي پھچي ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد شھر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بدترين لوڊشيڊنگ سبب شھرين کي رڌ پچاء ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، جڏهن ته شھر جي وڏن وڏن ھوٽلن ۽ گئس تي ھلندڙ ڪارخانن کي پريشر سان گئس ڏنو پيو وڃي پر شھر واسين کي گئس نه پيو ڏنو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ستر سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ گئس جي فراهمي بند هئڻ افسوس ناڪ آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد واسين کي گئس فراهم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ گئس آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.