جيڪب آباد ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، ھڪ کٿابي فوت، پنج ڄڻا زخمي

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد گل رائس مل وٽ چينگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور ٻرڙو واسي کٿابي 22 ورهين جو منصب علي ٻروڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته ٻيا ساٿي عابد علي، فدا حسين، زبير احمد، غلام مرتضيٰ ۽ سليمان زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي رستي وارن سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي اطلاع تي وڏي انگ ۾ مدرسي جا کٿابي ۽ استاد اسپتال پهچي ويا. فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.
زخمي ٿيل کٿابي جو چوڻ آهي جيڪب آباد جي ڊکڻ محلا جي مدرسي ۾ پڙهندا آهيون، ڳوٺ مبارڪپور طرف وڃي رهيا هئاسين ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ھڪ ساٿي فوت ٿي ويو آهي.